گهرو وزارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيا

گهرو وزارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيا، ايف آءِ اي پاران جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ شروع ڪرڻ بعد ٻنهي اڳواڻن جا لانا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا.

گهرو وزارت موجب، گهرو سيڪريٽري جي حڪم تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.

واضح رهي ته ايف اءِ اي پاران نجي بينڪ مان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو هو،

گذريل ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*