نيب لاهور نون ليگ اڳواڻ برجيس طاهر خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

نيب لاهور نون ليگ اڳواڻ برجيس طاهر خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، نيب لاهور وضاحت ڪندي چيو آهي ته برجيس طاهر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ کيس طلب ڪرڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، برجيس طاهر خلاف ڪابه درخواست نه ملي آهي.

نيب لاهور جي ترجمان نواز ليگ اڳواڻ برجيس طاهر خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ واري  خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

نيب ترجمان موجب، نيب لاهور ۾ برجيس طاهر خلاف مبينا ڪرپسن جو ڪو به ڪيس نه آيو آهي ۽ نه ئي اسان کي ڪو اهڙو خط مليو اهي.

واضح رهي ته ميڊيا تي خبرون هليون هيون ته اڳوڻي وفاقي وزير برجيس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  ويو آهي ۽ کيس 20 جولاءِ تي طلب ڪيو  ويو  آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*