پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو ايترو ئي مشهور آهي ته کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جو مقصد هڙو آهي. پي ٽي آءِ هجي يا جي ڊي اي، اهي آزاد چونڊن ۾ مقابلو نٿيون ڪري سگهن، جيڪي به سازشون ٿي رهيو اهي، هڪ ڏينهن ان جا ثبوت سامهون آڻينداسين.

لالا موسيٰ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪو گارين ۽ نفرت واري سياست ڪري شايد وقتي فائدووٺي سگهي ٿو پر ان سان نقصان ٿيندو.

هن چيو ته ڪٺ پتلي اتحاد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خان صاحب جي غلط فهمي آهي ته هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ايترو مشهور هجي ها ته هو عوام سان گڏ هجي ها، کيس ايتريون سهولتون نه ملن ها.

پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ هجي يا جي ڊي اي، اهي آزاد چونڊن ۾ مقابلو نٿيون ڪري سگهن، جيڪي به سازشون ٿي رهيو اهي، هڪ ڏينهن ان جا ثبوت سامهون آڻينداسين.

هن چيو ته جيالا چونڊون وڙهڻ لاءِ پرجوش آهن، اهي اڳ به ڏکئي وقت جو مقابلو ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ به ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عوام دوست پاليسيز کي ملڪي سطح تي ترجيح ڏيندو.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اسان ان جي مذمت ڪيون ٿا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*