وفاقي ڪابينا نواز شريف جو جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ لاءِ قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا نواز شريف جو جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ لاءِ قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ٿيندي،

نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو ،

اجلاس ۾ نواز شريف جي جيل ٽرائل بابت قانون ۽ انصاف واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري سميت ٻيا فيصلا ڪيا ويا.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا آيل اڳوڻي وزيراعظم خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اجلاس ۾ جيل ٽرائل لاءِ نيب آرڊيننس جي تحت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي رد ڪرڻ ۽ جيل ٽرائل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظور ڏنيوئي.

اجلاس ۾ نگران گهرو وزير امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ ان دوران عام چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کي حتمي شڪل ڏني وئي.

اجلاس ۾ فاٽا کي ڪي پي ضم ڪرڻ کان اڳ وارا ٽئڪس اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*