شڪارپور ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

شڪارپور ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ پير بخش لهر ۾ جوابدار دلمراد لهر ناري زينت لهر تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ موقعي تي ئي مارجي وئي.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو ۽ پوليس پهچي مقتول ناري جو لاش کڻائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*