نواز شريف کي جيل ۾ پهرين رات فرش تي گذارڻي پئي، شهباز شريف

نون ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف کي جيل ۾ پهرين رات فرش تي گذارڻي پئي، کيس سندس امڙ سان به ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، نواز شريف کي عوام جي خدمت ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي، جيڪو شخص 24 ڪلاڪن تائين پنهنجا فيصلا برقرار نٿو رکي سگهي اهو ملڪ ڪيئن ٿو هلائي سگهي.

راجنپور ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڏکڻ پنجاب نون ليگ جو قلعو آهي، جنهن تي بلوچ قوم کي سلام پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته پشاور ۾ ڊينگي حملو ڪيو ته ڪوڙو نيازي خان نٿيا گلي هليو ويو، مون راجن پور ۾ ٻوڏ دوران امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو.

سندس چوڻ هو ته ڪوڙي خان ڪي پي ۾ هڪ ڪلو واٽ به بجلي پيدا نه ڪئي آهي ۽ هن ڪا يونيورسٽي ۽ اسپتال به نه ٺهرائي آهي.

نون ليگ جي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان پنجن سالن دوران ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، هو وزيراعظم بڻجڻ جي لائق نه آهي.

شهباز شريف چيو ته جيڪو شخص 24 ڪلاڪن تائين پنهنجا فيصلا برقرار نه رکي سگهي اهو ملڪ ڪيئن ٿو هلائي سگهي، اڄڪلهه عمران خان جي جلسي جون ڪرسيون سندس دماغ جيان خالي آهن.

هن چيو ته مظفر آباد جهڙي اسپتال آمريڪا ۾ به ناهي ٺهرائي وئي، نوازشريف عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيا.

نون ليگ صدر شهباز شريف چيو ته چونڊن ۾ عوام بَيٽ ۽ تِير کي شڪست ڏئي شينهن کي ڪامياب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*