چونڊن بابت سٺيون خبرون نه اچي رهيو آهن، عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته چونڊن بابت سٺيون خبرون نه اچي رهيو آهن، عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪي پي جو نگران وڏو وزير دوست محمد، فضل الرحمان ۽ اڪرم دراني سان مليل آهي.

نٿياگلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نگران حڪومت غير جانبدار هوندي آهي، جسٽس رٽائرڊ دوست محمد غيرجانبدار ٿي پنهنجو فرض ادا ڪري.

هن چيو ته نوازشريف کانپوءِ شهباز شريف به اڊيالا جيل ويندو، هن مون تي 32 ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪرايون.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪي پي ۾ پوليس کي غيرجانبدار بڻايو ۽ غريبن کي پنهنجا حق ڏياريا.

عمران خان چيو ته چونڊن بابت سٺيون خبرون نه اچي رهيو آهن، عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته 25 جولاءِ تي عوام ٻاهر نڪري ان ڏينهن پاڪستان جي تقدير بدلائڻي آهي.

ٻئي پاسي جهلم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي وفاداري پنهنجن پئسن سان آهي، نواز شريف ممبئي حملن بابت پاڪستان کي بدنام ڪيو.

هن چيو ته پ پ ۽ نون ليگ جي ڪرپشن سبب ملڪ اڄ قرضي بڻجي ويو آهي، قرضو حڪمران وٺن ٿا ۽ ان جي قيمت عوام ادا ڪندو آهي.

عمران خان چيو ته ڪرپشن سبب نوازشريف ۽ اسحاق ڊار جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا آهن ۽ ملڪ ڪنگال ٿي ويو.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ اچي عوام جو پسئو عوام تي خرچ ڪيو ويندو، اسان عوام مان پئسو جمع ڪري ملڪ قرضي لاهينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*