سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات

سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات دوران 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن دوران سيڪيورٽي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

رحمان ملڪ اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي آفيس ۾ ساڻنس ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ اليڪشن واري ڏينهن سيڪيورٽي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته سينيٽ ۽ گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ چاهين ٿا.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا پارليامينٽ پاران سهڪار ڪرڻ تي سينيٽر رحمان ملڪ جا ٿورا مڃيا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*