سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اميدوار راءِ حسن کي اثاثن جا تفصيل ظاهر نه ڪرڻ تي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اميدوار راءِ حسن کي اثاثن جا تفصيل ظاهر نه ڪرڻ تي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اين اي 115 جهنگ تان چونڊ وڙهندڙ اميدوار شيخ وقاص  اڪرم کي عدالت چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته راءِ حسن اين اي 149 تي جمع ڪرايل نامزدگي فارمز ۾ ڪوڙ ڳالهايو ۽ اثاثن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ راءِ حسن نواز جي نااهلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته راءِ حسن نواز کي هاءِ ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو،

جسٽس عظمت سعيد چيو ته فيصلي ۾ واضح طور تي  آرٽيڪل 62 ون لاڳو ٿئي ٿو،

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته راءِ حسن نواز کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو آهي، اسان فيصلو لکي لکي ٿڪجي پوندا آهن، وڪيل پڙهڻ جي به زحمت نه ٿا ڪن.

سپريم ڪورٽ اين اي 149 تان چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن نواز جي نااهلي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ اين اي 115 جهنگ تان چونڊ وڙهندڙ شيخ وقاص اڪرم کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*