ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، نوشهره ۾ برساتي نالي  ۾ ڪار ٻڏي وڃڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، چئن ڄڻن کي بچايو ويو، موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، لاهور، مردان، گجرات، ڪشمير ۽ بهاولپور سميت مخلتف علائقن  ۾ برسات جو امڪان آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو وقفي وقفي سان جاري آهي، گجرات ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

نوشهره  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات کانپوءِ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،

ڪوٽلي قلعي واري علائقي ۾ برساتي نالي ۾ هڪ ڪار ٻڏي وئي، جنهن  جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. جڏهن ته رهواسين چئن ڄڻن کي بچائي ورتو.

موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪنن دوران ڊِ جي خان، بهاولپور، فاٽا ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات  جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، زوب، قلات ڊويزن، ميرپور خاص، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، سرگوڌا، فيصل آباد، ساهيوال، ملتان، پشاور، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، مالا ڪنڊ، هزاره، مردان، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*