اليڪشن ڪميشن سياستدانن ۽ اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ نئين لائحه عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن سياستدانن ۽ اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ نئين لائحه عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به اطلاع نه هئڻ باوجود انتظاميا اميدوارن ۽ ريلي کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي پابند هوندي ۽ اهم سياستدانن ۽ اميدوارن کي سيڪيورٽي بابت پاليسي تي عمل ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن، گهرو وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت ۽ قانون واري وزارت سميت سيڪيورٽي عملدارن جو گڏيل اجلاس ٿيو،

چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز  ويڊيو   لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران چونڊن ۾ سيڪيورٽِ معاملن  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽  چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اطلاع نه هئڻ باوجود انتظاميا اميدوارن ۽ ريلي کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي پابند هوندي ۽ اهم سياستدانن ۽ اميدوارن کي سيڪيورٽي بابت پاليسي تي عمل ڪيو ويندو.

سيڪيورٽي جي نئن لائحه عمل بابت گهرو وزارت صوبائي حڪومتن کي به هدايت جاري ڪري ڇڏي،

گهرو سيڪيورٽي پاران اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*