ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ سياسي سرگرميون عروج تي پهتل آهن

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ سياسي سرگرميون عروج تي پهتل آهن، مختلف تنظمين پاران مختلف شهرن ۾ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، اڄ تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

عام چونڊن لاءِ سياسي سرگرميون چوٽ چڙهيل آهن،

مسلم ليگ نون اڄ اٽڪ ۾ سياسي سگهه جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جنهن کي مسلم ليگ جو صدر شهباز شريف ۽ ٻيا خطاب ڪندا،

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ لاهور ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو، مختلف علائقن ۾ ڪارڪنن کي خطاب به ڪندو،

بلاول ڀٽو زرداري چنيوٽ کان لاهور ۽ قصور ويندو، عوام کي پ پ جي منشور کان آگاهه ڪندو،

ايم ايم اي جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*