باڊهه ۾ نافرمان پٽن طرفان گهران ڪڍڻ تي پيرسن عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

باڊهه ۾ نافرمان پٽن طرفان گهران ڪڍڻ تي پيرسن عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ماڻهن پيرسن کي بچائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڏوڪري واسڻ 70 ورهين جي پيرسن عورت انور خاتون رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪئنال تي موجود ماڻهن پيرسن عورت کي  بچائي  علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي پيرسن انور خاتون ٻڌايو ته کيس پٽن گهران ڪڍي ڇڏيوآهي، هو ٽن ڏينهن کان مائٽن وٽ ترسيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پٽن جي نافرماني سبب مايوس ٿي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*