اليڪشن ڪميشن  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي نامناسب ٻولي جي استعمال کان روڪي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي نامناسب ٻولي جي استعمال کان روڪي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته نفرتون پکيڙيندڙ ٻولي جو استعمال نه ڪيو وڃي، نٿا چاهيون ته اهڙي قسم جي ٻولي ٻيهر استعمال ٿئي،

اليڪشن ڪميشن ۾ 4 رڪني بينچ عمران خان پاران نامناسب ٻولي جي استعمال ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر عمران خان بدران سندس وڪيل بابر اعواڻ ڪميشن آڏو پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر عبدالغفور سومرو عمران خان جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان نامناسب ٻولي استعمال ڪئي آهي، اوهان ٻڌو ته هوندو، اوهان به ساڻس گڏ هوندا آهيو. جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته جي ها مان عمران خان سان گڏ هوندو آهي ۽ مون ٻڌو آهي،

ان موقعي تي بابر اعواڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ويڊيو ڪلپ عدالت ۾ هلائي ۽ چيو ته اهڙا لفظ به استعمال ٿي رهيا آهن، نڪاح، شادي ۽ گهرواري بابت اهڙا لفظ به استعمال ٿي رهيا آهن.

بابر اعواڻ چيو ته طالبان خان ۽ ان کان به وڌيڪ خراب لفظ استعمال ٿي رهي اهين، پي ٽي آءِ اهو نٿي چئي ته نوٽيس نه ڏيو، جنهن تي پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم چيو ته هاڻ اهي به نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن.

پنجاب جي ميمبر چيو ته گڏهه ته معمولي لفظ آهي، هتي استاد به گڏهه چئي ڇڏين ٿا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته استاد جي ڳالهه ٻي هوندي آهي.

بابر اعواڻ چيو ته هڪ صوبي جو اميدوار ٻئي صوبي کي چئي ٿو ته ووٽ ڏيڻ وارو بي غيرت آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته احتياط ڪيو، ايندڙ وقت ۾ اهڙا لفظ نه ڳالهايو، اوهان پڪ ڏياريو ته اڳتي اهڙا لفظ استعمال نه ٿيندا،

اليڪشن ڪميشن چيو ته عام چونڊن بابت مهم هلي رهي آهي، اسان نٿا چاهيون ته ٻيهر اهڙا لفظ استعمال ٿين.

خيبرپختونخواهه جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته اهڙا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن، جنهن سان نفرتون پکڙجن،

اليڪشن ڪميشن جي ڪيس جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*