سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران شهري کي اغوا ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته لڳي ٿو سمورا پوليس وارا رائو انوار جا رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ لڳل آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران شهري کي اغوا ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته لڳي ٿو سمورا پوليس وارا رائو انوار جا رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ لڳل آهن.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ سائيٽ ٿاڻي جي حد سپر هاءِ وي تان شهري ماجد کي اغوا ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، ايس ايس پي انويسٽيگيشن عابد قائمخاني سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه کي تباهه ڪري آيا آهيو، هاڻي ڪراچي جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ رڌل آهيو.

ايڊووڪيٽ وزير حسين کوسو دليلن ۾ چيو ته پوليس اهلڪارن شهري ماجد کي اغوا ڪرڻ بعد سندس وارثن کان هڪ لک ڀنگ ڪيو.

وڪيل دليلن ۾ چيو ته عدالت سان رابطو ڪرڻ بعد پوليس ماجد کي آزاد ڪيو، پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري شهري ماجد کان مرضي موجب بيان ڏيارڻ لاءِ دٻاءَ وڌو.

عدالت پوليس کي معاملي جي ٻيهر جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*