خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي علائقي وادي تيره ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا.

خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن جي بمباري ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*