پير ڳوٺ ويجهو 2 ٻارڙيون ابل واهه ۾ ڪري ٻڏي ويون،ٽوٻن هڪ ٻارڙي جو لاش هٿ ڪري ورتو، ٻي جي ڳولاءِ جاري آهي

پير ڳوٺ ويجهو 2 ٻارڙيون ابل واهه ۾ ڪري ٻڏي ويون،ٽوٻن هڪ ٻارڙي جو لاش هٿ ڪري ورتو، ٻي جي ڳولاءِ جاري آهي.

پريالوءِ پل وٽ ابل واهه جي ڪناري تي ٻارڙي 10ورهين جي هير ڌي محمد بخش جعفري ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته اوچتو ابل واهه ۾ڪري پئي، جنهن کي بچائڻ لاءِ 13 سالن جي ميگھي ڌيءُ عبداللطيف واهه لٿي ته اها به ٻڏي وئي.

 اطلاع تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پهچي ٻن ڪلاڪن جي سخت ڳولا کانپوءِ هڪ نينگري ميگھي جعفري جو لاش هٿ ڪري ورتو.

 نينگري جو لاش گھر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته ٻي ٻارڙي هير جعفري جي ڳولا جاري آهي.

 ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ابل واهه ۾ ٻڏي ويل نينگريون شڪارپور جي ماڙي ڳوٺ جون رهواسي ۽ پاڻ ۾ ويجهيون مائٽ آهن، ٻارڙيون مائٽن سان گڏ آيل هيون، جيڪي هر سال کجين جي موسم ۾ ايندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*