سانگهڙ ڀرسان صدرٺ ٽو شاخ کي گهارو پئجي وڃڻ جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

سانگهڙ ڀرسان صدرٺ ٽو شاخ کي گهارو پئجي وڃڻ جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

 جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ صدرٺ ٽو شاخ کي آر ڊي 42 وٽان 20 فوٽ گهارو پيو، جنهن جو فوري طور ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي کي اطلاع ڪيو.

 صدرٺ ٽو شاخ کي گهاري جي اطلاع تي آبپاشي کاتي عملي منڍ کان شاخ بند ڪري ڇڏي آهي.

 ٻئي طرف وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا گهاري جي هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته آبپاشي جو عملو به موقعي تي پهتو آهي، پيل گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*