نوازشريف جتي به ويندو آهي، پنهنجي بربادي جي داستان کڻي ويندو اهي، بابر اعواڻ

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف جتي به ويندو آهي، پنهنجي بربادي جي داستان کڻي ويندو اهي، ڇا 10 سالن ۾ پاڪستان جي جيلن کي فرانس جون جيلون بڻايون ويون، سهولتون گهرندڙ نوازشريف 10 سالن ۾ پنجاب جي جيلن ۾ ڪهڙيون سهولتون ڏنيون.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته تحيڪ پاڪستان کي پنجن سالن بعد موقعي ملندو، جنهن لاءِ ووٽرز کي ووٽ وجهڻ گهرجي،

هن چيو ته ٻن وڏين پارٽين سان پي ٽي آءِ جو ڪو به اتحاد نه ٿيندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت اچي رهي آهي ۽ اسان ان کي هلائي به ڏيکارينداسين. ڪا به پروپيگنڊا پي ٽي آءِ جي ووٽرز کي پوئتي هٽائي نٿي سگهي.

بابر اعواڻ چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي ڏنل سهولتون ٻين سمورن قيدين کي به ڏنيون وڃن،

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف جتي ويندو آهي، پنهنجي بربادي جو داستان کڻي ويندوآهي.

بابر اعواڻ چيو ته 10 سالن دوران جيلن ۾ ڪا به سهولتون نه ڏني وڃي، ٻڌايو وڃي ته سهولتون گهرندڙن 10 سالن ۾ پنجاب جيلن ۾ ڪهڙي سهولت ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*