ملتان ۾ گلشن مارڪيٽ سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

ملتان ۾ گلشن مارڪيٽ سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي برن سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ملتان ۾ گلشن مارڪيٽ سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.

فوت ٿي ويل شخص بشير متي تل جو رهواسي اهي، جنهن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو هو.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته برن سينٽر ۾ سلينڊر ڌماڪي جا 5 زخمي داخل آهن، جن جو علاج جاري آهي پر سندن حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن مارڪيٽ ۾ هڪ هوٽل اندر سلينڊڙ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*