ملي مسلم ليگ جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ اميدوا کي مهانگي پئجي وئي

ملي مسلم ليگ جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ اميدوا کي مهانگي پئجي وئي، اليڪشن ڪميشن اميدوار سعيد گجر کان سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر عبدالغفار سومرو جي سربراهي ۾ الله اڪبر تحريڪ  جي اميدوار خلاف نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

اليڪسن ڪميشن جي ميمبر پڇا ڪئي ته اوهان پنهنجي اشتهار ۾ ملي مسلم ليگ جو ذڪر ڪيو  آهي. ڇا اهڙي ڪا پارٽي رجسٽرڊ آهي.

جنهن تي سعيد گوجر چيو ته مون کي ٿورو وقت ڏنو وڃي، وڪيل ذريعي جواب جمع ڪرائندس.

اليڪشن ڪميشن سعد گوجر کان سڀاڻي تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*