ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.

نيوزلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪتپان ايب ڊي ويليئرز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ميچ جي 39هين اوور ۾ برسات سبب ميچ کي روڪيو ويو،جنهن بعد ميچ کي 43 اوورس تائين محدود ڪيو ويو.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرره 43 اوورس ۾ 5 ويڪٽن جي نقصان تي 281رنز اسڪور ڪيو.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران ڊو پليسي 82، ڊيوڊ ملر18 بالن تي 49، روسووِ 39رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو،جڏهن ته ڪپتان ايب ڊي ويلئيرز 65رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪوري اينڊرسن 3، ٽرينٽ بولٽ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 43 اوورس ۾ 298رنز جو ٽارگيٽ مليو،جيڪو ڪيوي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 42 ڏهائي 5 اوورس ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتوآهي.

نيوزيليند ٽيم پاران ڪپتان برينڊن ميڪوليم 59، ڪوري اينڊرسن 58، مارٽن گپٽل 34۽روز ٽيلر 30 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته گرانٽ ايليٽ 84رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران مورني مورڪل 3۽ڊيومني هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*