ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته 24 اپريل تي اغوا ڪيل 5 سالن جي ٻارڙي شاويز واري واقعي ۾ ملوث جوابدار ممتاز کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته 24 اپريل تي اغوا ڪيل 5 سالن جي ٻارڙي شاويز واري واقعي ۾ ملوث جوابدار ممتاز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍي چيو ته پوليس ڊفينس واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻارڙي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدار ممتاز کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته جوابدار ممتاز 24 اپريل تي ٻارڙي شاويز کي اغوا ڪري سندس وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو هو، پوليس ڪارروائي ڪري ٻارڙي کي بازياب ڪرايو هو.

هن چيو ته پوليس جي بهتر ڪارروائين سبب شهر ۾ اغوا جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*