سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

عدالت ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سميت ٻين پارٽين جي اميدوارن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

عدالت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف محفوظ يار جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ايم ڪيو ايم پاڪستان اميدوار ڊاڪٽر فاروق ستار جي نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

ڊاڪٽر فاروق ستار جي اين اي 245 ۽ اين اي 247 تان نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف ايڊووڪيٽ اقبال ڪاظمي درخواستون داخل ڪرايون هيون.

عدالت مختلف پارٽين جي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواستون پڻ رد ڪري ڇڏيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*