صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن

 صوفي بزرگ ۽ عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.

ٽنڊو محمد خان ڀرسان بلڙي شاهه ڪريم شهر ۾سيڪريٽري اوقاف رياض حسين سومرو شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي 407 هين عرس جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪيو، ان دوران ٻيا ضلعي عملدار به ساڻس گڏ آيل هئا.

 شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ اڄ عام موڪل هوندي، سرڪاري آفيسون توڙي تعليمي ادارا بند رهندا.

 شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جي عرس جون تقريبون 3 ڏينهن جاري رهنديون، درگاهه ڪريم جي اڱڻ تي لطيفي دنبوري تي فقيرن پاران روايتي خاص انداز ۾ شاهه ڪريم ۽ شاهه ڀٽائي جو ڪلام پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪو سلسلو عرس جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو.

 شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي  عرس تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ عقيدتمند پهچي ويا آهن، جڏهن ته عرس  تقريبون 3 ڏينهن جاري رهنديون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*