ڪراچي جي مقامي عدالت سبزي منڊي وٽ پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ واري ڪيس ۾ چئن جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي
ڪراچي جي مقامي عدالت سبزي منڊي وٽ پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ واري ڪيس ۾ چئن جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ڪيس ۾ ڄاڻايل چئن جوابدارن جي هڪ ، هڪ لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪئي آهي
جوابدارن ۾ محمد عمران، محمد علي قمر، سيد شفقت حسين جعفري ۽ خليل الرحمان شامل آهن.
پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس پي آءِ بي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو، 15 جولاءِ تي سبزي منڊي ڀرسان پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ سبب 14 سالن جي نينگري ڪشف فوت ٿي وئي هئي ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هئا.