لاڙڪاڻي ۾ اڍائي ورهين جي ٻارڙي کي اڻڄاتل شخص رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ اڍائي ورهين جي ٻارڙي کي اڻڄاتل شخص رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو، اتي موجود ماڻهن کيس بچائي ورتو، ٻارڙي توڙي اڇلائيندڙ شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ هڪ اڻڄاتل شخص اڍائي ورهين جي ٻارڙي کي  رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو.

اتي موجود ماڻهن ٻارڙي کي بچائي ورتو،جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٻارڙي توڙي کيس اڇلائندڙ شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*