جي ڊي اي پاران اڄ روهڙي ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، شام جو 4 وڳي جلسو ڪيو ويندو

جي ڊي اي پاران اڄ روهڙي ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، شام جو 4 وڳي جلسو ڪيو ويندو، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جلسي کي پيرپاڳارو، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي پاران اڄ شام جو روهڙي ۾ جلسو ڪيو پيو وڃي، شام جو 4 وڳي کان شروع ٿيندڙ جلسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

جلسي کي پير پاڳارو، ذوالفقار مرزا، ايازلطيف پليجو، علي گوهر مهر، مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

جلسي لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پنڊال ۽ رستن تي پوليس سان گڏ حر جماعت جا رضاڪار مقرربه مقرر ڪياويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*