پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارتي اعتراضن تي جواب جمع ڪرايو آهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارتي اعتراضن تي جواب جمع ڪرايو آهي، ڪلڀوشن جو اعترافي بيان به سڀني آڏو آهي،  ڀارت ڪلڀوشن ڪيس ۾ اجائي واويلا ڪري رهيو آهي، ڪيس مضبوط آهي، ڪلڀوشن کي پنهنجي ڌرتي تان پڪڙيو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت گذريل سال ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس عالمي انصاف جي عدالت ۾ کڻي ويو هو.

هن چيو ته پاڪستان طرفان ڪلڀوشن ڪيس ۾ ڀارتي اعتراضن تي جواب جمع ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ڪلڀوشن جي ڪاررواين جا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان ڪلڀوشن ياديو جو پاسپورٽ اصل آهي يا جعلي، ڀارت ان جو جواب نه ڏئي سگهيو آهي،

هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو ان پاسپورٽ تي 17 ڀيرا ڀارت جو سفر ڪري چڪو آهي، ڀارت اڃا تائين ڪلڀوشن جي رٽائرمينٽ بابت دستاويز به فراهم نه ڪيا آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جو ڪيس ڀارت جي پاڪستان ۾ تخريبڪاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جو ثبوت آهي، اسان جو ڪيس مضبوط آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*