اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان مختلف اڳواڻن جي ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان مختلف اڳواڻن جي ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي، شهبازشريف، جنيد صفدر، پرويز رشيد ۽ ٻين اڳواڻن ساڻس ملاقات ڪئي.

اڄ اڊيالا جيل راولپنڊيءَ ۾ قيدين سان ملاقات جو ڏينهن آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر سان به مختلف اڳواڻن ملاقاتون ڪيون آهن.

اڊيالا جيل ۾ سنڌ جو گورنر محمد زبير، سينئر ليگي اڳواڻ راجا ظفر الحق، شبهازشريف، سلمان شهباز ۽ نصرت شهباز  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، راجا ظفرالحق، چوڌري تنوير، طارق فاطمي، عرفان صديقي، اياز صادق، خرم دستگير  به نوازشريف سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*