اسان جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي،ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي،

اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي امن امان جي صورتحال بهتر رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،

پاڪستان آرمڊ فورسز هميشه سول ادارن سان سهڪار ڪندي رهندي ، 3لک 41 هزار فوجي جوان سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنز ۾مقرر ڪيا ويندا، پرنٽنگ پريس لاءِ به آرمي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو آهي ته اسان جي اسٽاف کي بلوچستان ۾ تمام بهتر سيڪيورٽي مُهيا ڪئي وئي آهي.

سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ رحمان ملڪ چيو ته چونڊ مهم دوران اميدوارن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان هن هائوس ۾ ڳالهائي رهيو آهيان.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان آرمڊ فورسز هميشه سول ادارن سان سهڪار جاري رکندي،

هن چيو ته چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، پرنٽنگ پريس لاءِ به آرمي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جو چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي امن امان جي صورتحال بهتر رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 3 لک 41 هزار فوجي جوان سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنز تي مقرر هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*