شهيد محترما بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري عمران خان کي سياست ۾ رٽائرڊ ٿيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي

شهيد محترما بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري عمران خان کي سياست ۾ رٽائرڊ ٿيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، هن  چيو ته عمران خان کي حقيقي ووٽ نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ووٽ بينڪ ۽ سلطنت ۾ فرق هوندو آهي،عمران خان کي ڪڏهن به عوام جي حمايت حاصل نه رهي آهي.

بختاور ڀٽو زرداري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هر هنڌ شاندار آجيان ڪئي وئي، عمران خان کي ڪڏهن به عوام جي حمايت ناهي رهي.

عمران خان پاران غير اخلاقي زبان استعمال ڪرڻ واري معاملي تي به کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.هن تي اهو به الزام مڙهيو پيو وڃي ته هو ميچوئر سياستدان ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*