وڻڪاري مهم جو مقصد گرين پوليس جو تصور ڏيڻ آهي، پوري سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا, آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته وڻڪاري مهم جو مقصد گرين پوليس جو تصور ڏيڻ آهي، پوري سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا.

ڪراچي جي پوليس لائينز ۾ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي.

هن چيو ته ٻوٽا لڳائڻ سان ماحول تي بهتر اثر پوندا، سنڌ ۾ وڻ گهٽ آهن، ان ڪري وڌيڪ ٻوٽا لڳائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته هر پوليس اهلڪار گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو لڳائيندو، جنهن سان پوري سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا.

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته ٻوٽا لڳائڻ سان ماحول ۾ خوبصورتي اچڻ سان گڏ عوام جي صحت تي  سٺا اثر پوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*