عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران چونڊ مهم جاري رکڻ لاءِ باقي 3 ڏينهن بچيا آهن

عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران چونڊ مهم جاري رکڻ لاءِ باقي 3 ڏينهن بچيا آهن، سياسي سرگرميون به چوٽ چڙهيل آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي خطاب ڪندو، ن ليگ سوات ۾ جلسو ڪندي،  عمران خان، ملتان ۽ مولانا فضل الرحمان لڪي مروت ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، مختلف سياسي پارٽين پاران پنهنجي سياسي سگهه ڏيکارڻ جو سلسلو جاري آهي.

ملڪ جي مختلف پارٽين پاران مختلف علائقن ۾ ريليون ۽ جلسا منعقد ڪرايا پيا وڃن. ان حوالي سان سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

مسلم ليگ ن جو صدر شهبازشريف اڄ سوات ۽ فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ملتان ۽ بهاولپور ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندو.

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ايئرپورٽ، اسٽار گيٽ ۽ گلستان سوسائيٽي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

متحده مجلس عمل جو صدر مولانا فضل الرحمان ٽانڪ ۽ لڪي مرورت ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، جڏهن ته متحده قومي موومنٽ پاڪستان حيدرآباد جي علائقي پڪي قلعي ۾ عوامي جلسو ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*