جيڪب آباد ۾ ٻڌڻي تي آيل ٻن ڌرين ۾سيشن ڪورٽ ٻاهران جهيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جيڪب آباد ۾ ٻڌڻي تي آيل ٻن ڌرين ۾سيشن ڪورٽ ٻاهران جهيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس 4 ڄڻن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتوآهي.

سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي آيل لهر ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾سيشن ڪورٽ ٻاهران جهيڙو ٿي پيو.

 جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب زاهد بنگلاڻي ۽ هڪ واٽهڙو بهاول بليدي زخمي ٿي پيا.

سول لائن ٿاڻي جي پوليس فوري طور ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن نثار، خان محمد، بنگلاڻي، الله رکيو ۽ رحم علي لهر کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو.

فائرنگ سبب علائقي ۾خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

 پوليس موجب ٺل تعلقي جي دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ لهر ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جي ٻڌڻي تي ٻئي ڌريون عدالت ۾ آيل هيون، جتي هڪٻئي کي ڏسندي جھيڙو ٿي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*