اوٻاوڙي ويجهو پيءُ مبينا طور گهٽا ڏئي ڌي کي قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو

اوٻاوڙي ويجهو پيءُ مبينا طور گهٽا ڏئي ڌي کي قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، پوليس ڳولا بعد ناري جو لاش هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 ڳوٺ ميرخان ڪوش ۾ جوابدار طيب ڪوش نوجوان ڌي مسمات اشرف خاتون کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار ڌي مسمات اشرف خاتون کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڏهر واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.

ٻن ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ ڳوٺاڻن مقتولا جو لاش هٿ  ڪري کنڀڙا پوليس کي اطلاع ڏنو.

کنڀڙا پوليس موقعي تي پهچي لاش کڻائي اوٻاوڙي جي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

واعي بابت  ناري جي ماءُ جو چوڻ هو ته ناري اشرف خاتون پاڻ ڪاوڙ ۾ اچي واھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي.

جڏهن ته کنڀڙا پوليس ٻڌايو ته ناري ڪجهھ ڏينھن اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي.

پوليس موجب جاچ ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*