حافظ آباد ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ کدڙو فقير مارجي ويو

حافظ آباد ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ کدڙو فقير مارجي ويو، کدڙن فقيرن چيف جسٽس کان وقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

حافظ آباد جي علائقي چنيان والي ۾ شادي جي تقريب دوران بااثر شخص فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خوشين ۾ شريڪ کدڙو فقير ثانيا مارجي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو.

کدڙن فقيرن واقعي خلاف احتجاج ڪندي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبوڪيو.

کدڙن فقيرن چيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*