اسلام آباد ايئرپورٽ تي اي اين ايف ڪارروائي ڪندي رياض ويندڙ مسافرن جي سامان مان آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي

اسلام آباد ايئرپورٽ تي اي اين ايف ڪارروائي ڪندي رياض ويندڙ مسافرن جي سامان مان آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي، اي اين ايف عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو  آهي، هڪ ڄڻي جو تعلق مردان ٻئي جو چارسده سان آهي.

اسلام آباد ايئرپورٽ تي اي اين ايف ڪارروائي ڪندي رياض ويندڙ ٻن مسافرن جي سامان جي تلاشي ورتي. جنهن دوران مسافرن جي سامان مان آئس هيروئن هٿ ڪئي وئي،

اي اين ايف عملدارن موجب، ڪارروائي دوران حراست ۾ ورتل مردان جي رهائشي جان محمد جي سامان مان 1238 گرام آئس هيروئن هٿ ڪئي.

اي اين ايف عملدارن موجب، چارسده جي رهواسي مسعود وٽان 25 سئو گرام آئس هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي، ٻئي ڄڻا خانگي ايئرلائن ذريعي رياض وڃي رهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*