پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي

پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، برسات سبب مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، موسميات کاتي موجب، لاهور، راولپنڊي، گلگت بلتستان، ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات  جو امڪان آهي.

پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.

پشاور ۽ مردان  سميت مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو، جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي  وئي آهي.

پشاور جي ڪوهاٽ روڊ تي برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي  پيا.

هوڏانهن طورخم بازار وٽ هڪ شخص برساتي نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو،

 موسميات کاتي موجب، لاهور، راولپنڊي، گلگت بلتستان، ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*