ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 80 هزار شهري حق ۽ سهولت هئڻ باوجود چونڊن دوران ووٽ ڏيڻ کان محروم آهن

ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 80 هزار شهري حق ۽ سهولت هئڻ باوجود چونڊن دوران ووٽ ڏيڻ کان محروم آهن، اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين قيدين کي ووٽ ڏيڻ بابت ڪي به قدم نه کنيا آهن. پنجاب جي 40 مختلف جيلن ۾ هڪ هزار عورتن سميت 49 هزار 100 قيدي ۽ سنڌ جي 26 جيلن ۾ 200 عورتن سميت قيدين جو تعداد 19 هزار کان وڌيڪ آهي.

ملڪ جي مختلف جيلن ۾ 80 هزار شهري قيد آهي، جيڪي حق ۽ سهولت هئڻ باجود چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان محروم آهن.

جيل مينوئل موجب، ڪنهن به قيدي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي ۽ قيدي جيل انتظاميا ذريعي پريزائيڊنگ آفيسر کي درخواست ڏئي بيلٽ پيپرز بيرڪ ۾ گهرائي سگهن ٿا پر هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن طرفان ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي.

پنجاب جي 40 جيلن ۾ هڪ هزار عورتن سميت 49 هزار 100 قيدي آهن، جڏهن ته سنڌ جي 26 جيلن ۾ 200 عورتن سميت قيدين جي تعداد 19 هزار کان وڌيڪ آهي.

خيبرپختونخواهه جي 23 جيلن ۾ 220 عورتن سميت 10 هزار 50 ۽ بلوچستان جي 11 مختلف جيلن ۾ 20 عورتن سميت 21 سئو کان وڌيڪ قيدي موجود آهن.

اڳوڻي آءِ جي جيل نصرت منگن جو چوڻ آهي ته قيدين جي ووٽ جي حق بابت شعور يا آگاهي نه آهي، 2013 جي چونڊن ۾ به قيدين کي ووٽ وجهڻ جي سهولت نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته 2008ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ رڳو 10 قيدين  ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*