دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تان گرفتار ڪيل 8 جوابدارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تان گرفتار 8 جوابدارن کي وڌيڪ 14ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 8ئي جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

مختلف ٿاڻن جي پوليس عبيد ڪي ٽو، عبدالقادر، سيد آصف، عبدالحسيب، عابد علي، فيضان ۽ نعمان کي وڌيڪ رمانڊ لاءِ اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي درخواست تي 8 ئي جوابدارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن  جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.

ان کان اڳ عدالت جوابدارن کي 24 مارچ تائين پوليس حوالي ڪيو هو.

 عبيد عرف ڪي ٽو، عبدالقادر ۽ سجاد خلاف رضويه ٿاڻي تي ڌماڪيدار مادو رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

ايم ڪيو ايم ڪارڪن، عابد علي فيضان ۽ نعمان خلاف بلال ڪالوني ٿاڻي تي ، جڏهن ته سيد آضف ۽ حسيب خلاف لياقت آباد ٿاڻي تي وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*