لکي غلام شاھ ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

لکي غلام شاھ ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڌرين هڪٻئي تي چوپايو مال ڦر ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

چڪ ڀرسان ڪچي  جي ڳوٺ موليڏنو مهر ۾ مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو غفار مهرگوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

 اطلاع تي چڪ ۽ بچل ڀيو ٿاڻن جي پوليس موقعي تي پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾مهر برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جوابدار سندن 12 ٻڪريون ڦر ڪري ويا آهن.

هوڏانهن جتوئي برادري جي ماڻهن ٻڌايو ته جوابدار سندن 26 رڍون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن،جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*