سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو آهي ته صوبي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي

سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو آهي ته صوبي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سڀني ضلعن ڏانهن بيلٽ پيپرز موڪلڻ وارو سلسلو جاري آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو ته بيلٽ پيپرز انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعن ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*