سنڌ هاءِ ڪورٽ عسڪري پارڪ کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪرڻ خلاف درخواست تي ڪمشنر، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کي 31 جولاءِ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڇڏيا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ عسڪري پارڪ کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪرڻ خلاف درخواست تي ڪمشنر، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کي 31 جولاءِ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڇڏيا آهن.

درخواستگذار محمد عمران چيو ته عسڪري پارڪ ۾ بغيرمينٽيننس جي جهولن مان شهرين جي زندگين کي خطرو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته عسڪري پارڪ مان گرين بيلٽ ختم ڪري بغير اين او سي جي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪرڻ غيرقانوني آهي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عسڪري پارڪن جي انتظاميه کان هاءِ رائيز جهولن بابت تفصيل طلب ڪيا وڃن.

عدالت درخواست تي ڪمشنر، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کان 31 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*