باڊھ ۾ رت جي ٽيسٽ رپورٽ مبينا طور غلط ڏيڻ خلاف شهرين اسپتال جي ليبارٽري ٽيڪنيشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

باڊھ ۾ رت جي ٽيسٽ رپورٽ مبينا طور غلط ڏيڻ خلاف شهرين اسپتال جي ليبارٽري ٽيڪنيشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

تقي شاهه محلي واسين خادم حسين ٻگهيو، محبوب جهتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

  ان موقعي هنن چيو ته کين هڪ رشتيدار کي  رت ڏيڻو ھو، سرڪاري اسپتال مان رت ٽيسٽ ڪرائي ته غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي غلط رپورٽ ڏني وئي.

 هنن چيو ته اهي ساڳيون ٽيسٽون شهر جي هڪ پرائيويٽ ليبارٽري مان ڪرايون ته اتان جي رپورٽ مختلف هئي.

 هنن چيو ته بعد ۾ هنن ڪراچي مان پڻ رت جون ٽيسٽون ڪرايون، جنهن ۾ باڊھ جي سرڪاري اسپتال مان ڪرايل ٽيسٽ جون رپورٽون غلط ثابت ٿيون آھن.

 هنن گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري اسپتال جي ليبارٽري ٽيڪنيشن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*