ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سول ايوي ايشين پاران جيٽ فيول خانگي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ بابت ريفرنس داخل ڪرائي وئي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سول ايوي ايشين پاران جيٽ فيول خانگي ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ بابت ريفرنس داخل ڪرائي وئي آهي، نيب ريفرنس ۾ چيو ته جوابدارن تيل وڪرو ڪري قومي خزاني کي 2 ارب 30 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي.

نيب چيو ته ريفرنس ۾ 10 جوابدار شامل آهن، جن ۾ محمد ارشد جليل، قمر جليل، ذيشان ڪريمي، ياسر الحق آفندي، حيدر نقوي ۽ ٻيا شامل آهن،

نيب چيو ته جوابدارن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري جيٽ فيول خانگي ماڻهن کي وڪرو ڪيو آهي، عدالت نيب ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*