منشيات جي خاتمي واري راولپنڊي جي عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ دليل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

منشيات جي خاتمي واري راولپنڊي جي عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ دليل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،

وڪيل پاران شاهد جو بيان پڙهي ٻڌايو ويو، جج سردار محمد اڪرم ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اڄ جمعي جو ڏينهن جيڪڏهن هاڻ تفصيل لکنداسين ته  اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو، انهيءَ جي ڪري چوندا آهن ته وڪالت تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي، ٻڌايو وڃي ته فيصلو هن وقت  ڏيان يا آخر ۾ ؟ ٻنهي ڌرين جواب ڏنو ته آخر ۾ فيصلو ڏنو وڃي.

راولپنڊي جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ جج محمد اڪرم خان نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل تنوير اقبال وڌيڪ دليل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ بابت درخواست داخل ڪرائي.

ٻڌڻي دوران وڪيل پاران شاهد جو بيان پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن تي جج سردار محمد اڪرم چيو ته انهيءَ  جي ڪري چوندا آهن ته وڪالت تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي.

حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته هاڻ اسان جي اعتراض تي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جون ڳالهيون  ٿي رهيون آهن، شاهد جي بيان جي ڪليريڪل غلطيون آهن، جيڪي هن وقت درست نٿيون ٿي سگهن.

جج سردار محمد اڪرم چيو ته اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، جيڪڏهن هن وقت لکڻ شروع ڪيو ته اڌڪلاڪ لڳي  ويندو، ٻڌايو ته درخواست تي فيصلو هن وقت ڏيان يا آخر ۾ ؟ جنهن تي ٻنهي ڌرين پاران آخر ۾ فيصلو ڏيڻ تي حامي ڀري وئي.

راولپنڊي جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي خلاف ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ دليل ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*