باقراڻي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل ٻن واٽهڙو شهرين کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
باقراڻي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل ٻن واٽهڙو شهرين کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي خلاف شهرين شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
وچ بازار ۾گذريل ڏينهن ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل دڪاندار صابر ڪنڀر ۽ واٽهڙو غلام مصطفي’ ڪلھوڙو جا مڙهه جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
فوتين جي جنازي نماز ۾ شهرين سميت آس پاس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
هوڏانهن واقعي خلاف شهرين ڪاروبار بند ڪري ڪفايت ڪلھوڙو ،نياز ڪنڀر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته وچ بازار ۾ سرعام گوليون هلائي بيگناهه شهرين کي قتل ڪيو ويو، شهر ۾ بدامني جو راڄ آهي.
هنن چيو ته پابندي باوجود علائقي ۾ جهيڙيندڙ مختلف ڌرين جا ماڻهو هٿيارن جي سرعام نمائش ڪن ٿا،پر پوليس ڪارروائي نٿي ڪري.
هنن ته اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته باقراڻي ۾ امن بحال ڪرائي علائقي واسين کي تحفظ ڏنو وڃي.
، هوڏانهن مقتول غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو ۽ صابر ڪنڀر جي وارثن جي فرياد تي باقراڻي پوليس 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڇڏيا آهن، ڪيسن ۾ دهشتگردي جاقلم به لڳايا ويا آهن..