ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف اپوزيشن پارٽي تلگو ديشم پارٽي طرفان ايوان ۾ عدم اعتماد واري رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف اپوزيشن پارٽي تلگو ديشم پارٽي طرفان ايوان ۾ عدم اعتماد واري رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي، نريندر مودي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڀارتي پارلياماني جمهوريت جو اهم ڏينهن آهي، يقين آهي ته حامي ميمبر بحث گهٽ ڪندا، ڀارتي عوام به ان کي ڏسي سگهندو.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف ايوان ۾ بي اعتمادي واري رٿ اڄ پيش ڪئي ويندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، نريندر مودي خلاف لوڪ سڀا ۾ تلگو ڊيشم پارٽي طرفان بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي ويندي، اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس سميت ٻين به رٿ جي حمايت ڪئي آهي.

ڀارتي ايوان ۾ 553 ميمبر آهن، بي اعتمادي رٿ جي منظوري لاءِ 268 ووٽ وجهڻ ضروري آهن. جڏهن ته حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي وٽ 312 ووٽن جي حمايت حاصل آهي، جنهن سبب حڪومت کي ڪا به پريشاني نظر نه پئي اچي.

نريندر مودي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڏينهن ڀارتي پارلياماني جمهوريت جو اهم ترين ڏينهن آهي.

نريندر مودي چيو ته کيس يقين آهي ته اڄ ايوان ۾ تعميري ۽ خلل کان پاڪ بحث ڪيو ويندو، جنهن کي ڀارتي عوام به ڏسندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*