ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ زيرو تي پهچي وئي آهي، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

آءِ سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ زيرو تي پهچي وئي آهي ، ڀتي خوري ۽ ڀنگ لاءِ اغوا وارن واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ شهيد اهلڪارن کي وارثن کي معاوضي جا چيڪ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي چيو ته پوليس کي ڪراچي صورتحال ۽ اغوا واقعن جا جيلنجز هئا، جن تي وڏي حد تائين ضابطو آندو آهي.

آءِ جي چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ زيرو تائين پهچي وئي آهي، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتي وارن واقعن ۾ به گهٽتائي آئي آهي.

هن چيو ته هو ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪري رهيا آهن ته جيئن عوام کي رليف ملي.

آءِ جي سنڌ شهيد اهلڪارن جي وارثن کي پلاٽ ۽ نوڪريون ڏيڻ واري اعلان تي سنڌ سرڪار ۽ بحريا ٽائون جا ٿورا مڃيندي چيو ته 31 مارچ تي سنڌ پوليس کي پنجاب پوليس جي برابر پگهارون ملنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*